زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج

دادو (ن س) سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌي هاري تحريڪ طرفان داود پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي جنهن جي اڳواڻي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي دادو جو صدر منظور لاشاري سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالڪريم لغاري عوامي تحريڪ اڳواڻ شيخ جمال برھماڻي تعلقه جوھي صدر محمد عرس بروھي لال بروھي ھادي بخش کونھارو بخت ملاح سنڌي شاگرد ضلعه دادو اڳواڻ منير برھماڻي محبت لاشاري گل برھماڻي ماجد لاشاري سڄاڳ ٻار تحريڪ ضلعه دادو آرگنائيزر وحيد بروھي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀاڻ ۽ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباه ڪيو پيو وڃي. آبادگارن کي زمينون وڪڻڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ زراعت کي هٿ وٺي تباه ڪيو پيو وڃي. پاڻي ۽ ڀاڻ جي کوٽ سبب هاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري هارين کي بي دخل ڪيو ويندو. سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ زراعت دشمن پاليسيون انساني حقن جي لتاڙ آهن. اڳواڻن چيو ته سرڪاري سرپرستي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري زراعت تي حملا آور ٿيا آهن. سرڪار جي مرضيءَ کانسواءِ ڀاڻ افغانستان ڪيئن ٿو اسمگل ٿئي? سنڌ هاري تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته زرعي انقلاب، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ بحرياٽائون سميت مختلف اسڪيمن ۽ خوبصورت نعرن ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا بند ڪيا وڃن. سرڪاري زمينون سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏئي پاڻي جي فراهمي ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي. ان سان گڏ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري، هٿرادو کوٽ جي ذميوار واپارين ۽ سرڪاري ڪارندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو