ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته شگر انڊسٽري سميت زرعي شعبي جي ترقي ۽ بهتري صوبائي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي هڪ اعليٰ سطحي ”اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيسن ڪائونسل“ قائم ڪئي آهي ته جيئن گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) ملڪن سان دفاع، زراعت، معدنيات، آئي ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهي. نگران وڏي وزير چيو ته SIFC جي اپيڪس ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان هو شگر انڊسٽري سميت سنڌ جي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هو عوام جي بهتر زندگي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ يقين رکي ٿو جيڪي معيشت جي بدحالي سبب وڌندڙ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ منعقد پاڪستان سوسائٽي آف شوگر ٽيڪنالوجسٽ جي 55 هين سالياني ڪنوينشن جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪستان سوسائٽي آف شوگر ٽيڪنالوجسٽ (PSST) جي صدر زاهد محمود قريشي، شگر انڊسٽري ۽ مختلف ماهرن وڏي وزير جو استقبال ڪيو. هن چيو ته پي ايس ايس ٽي جو بنياد شگر ٽيڪنالاجي جي ماهرن ۾ آگاهي پکيڙڻ جي بنيادي مقصد لاءِ رکيو ويو هو. هن سوسائٽي جي ميمبرن ۾ ڪمند جي صنعت بابت ڄاڻ ۽ نوان خيال پهچائڻ لاءِ ورڪشاپ، سيمينار ۽ سالياني ڪنوينشن منعقد ڪرڻ تي سوسائٽي کي ساراهيو. نگران وڏي وزير چيو ته گذريل سالن ۾ صوبي ۾ 33 شگر ملن سان اسان جي شگر انڊسٽري تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. جسٽس باقر چيو ته 23-2022ع جي سيزن ۾ لڳ ڀڳ 290000 هيڪٽر ايراضي تي ڪمند پوکيو ويو، مجموعي طور 16.8 ملين ميٽرڪ ٽن ڪمند جي ڪرشنگ ٿي ۽ 1.75 ملين ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي. هن چيو ته گذريل سال 22-2021 جي ڀيٽ ۾ کنڊ جي پيداوار ۾ اٽڪل 0.33 ملين ميٽرڪ ٽن اضافو ٿيو آهي جنهن سان کنڊ جي ڪل پيداوار 2.08 ملين ميٽرڪ ٽن ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪل 250000 ميٽرڪ ٽن کنڊ جي برآمد مان اسان گذريل سيزن دوران 80000 ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪئي هئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان مجموعي طور تي ۽ سنڌ خاص طور تي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر تنهن هوندي به اسان کي اڃا تائين مڪمل صلاحيت خاص طور تي زرعي وسيلن مان فائدو کڻڻو آهي. تازو ئي موسمياتي تبديليءَ اسان جي ملڪ کي گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ 2022ع جي چوماسي مند کانپوءِ آيل ٻوڏ اسان جي صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اٽڪل 3.6 ملين ايڪڙ تيار فصل کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي هارين کي 421.2 ارب رپين جو معاشي نقصان ٿيو. جسٽس باقر چيو ته سنڌ حڪومت ڪيش ريمبرسمينٽ پروگرام تي تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن تحت 25 ايڪڙ تائين جي ننڍن هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ نقصان جي ازالي لاءِ ڏنا ويا. ان کان علاوه حڪومت ڪڻڪ جي گھٽ ۾ گھٽ امدادي قيمت 4000 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جنهن سان هارين کي ڪڻڪ جي پيداوار لاءِ همٿايو ويو ۽ نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو. وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي سان اسان جي زرعي شعبي سميت شگر انڊسٽري ۾ سٺي پيداوار لاءِ مناسب قدمن سان ماحولياتي ترقي ۽ برابري جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪمند جي ڪرشنگ سيزن 24-2023ع جي شروعات 15 نومبر 2023ع کان ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي ايندڙ ڪمند جي موسم لاءِ بيس لائين قائم ڪري پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي. جسٽس باقر چيو ته ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فيصلي ۾ اهو به لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته شگر فيڪٽريون ڪرشنگ سيزن جي پڄاڻي تي معياري پريميئم ادائيگي وارو نظام لاڳو ڪن. مزيد چيو ته ته 50 پئسا في 40 ڪلوگرام جي پريميئم شرح 8.7 سيڪڙو بينچ مارڪ تي 0.1 سيڪڙو اضافي سوڪروز اوڳاڙي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايسٽ ايشين ٽائيگرز پڻ حڪومت-صنعت-تعليم ۾ پارٽنرشپ تي ٻڌل هڪ سهڪاري ’ٽريپل هيلڪس ماڊل‘ کي اپنائڻ سان شاندار معاشي ترقي حاصل ڪئي. جسٽس باقر پاڪستان سوسائيٽي آف شوگر ٽيڪنالوجسٽ تي زور ڀريو ته هو ڪنوينشن، ورڪشاپ ۽ سيمينار منعقد ڪن ته جيئن شوگر انڊسٽري ۾ ٽيڪنالاجي جي اپ گريڊيشن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ ۽ تجويزون تيار ڪيون وڃن جيڪي اسان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهن. وڏي وزير چيو ته جيتوڻيڪ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي پر زرعي تبديلي ذريعي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سوسائٽي فار شوگر ٽيڪنالوجسٽ کنڊ جي صنعت سان لاڳاپيل نوان خيال پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو.










