زرداري ۽ بلاول هفتي کان بختاور هائوس چمبڙ تي ترسيل

چمبڙ (ن س) آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري هفتي کان بختاور هائوس تي ترسيل، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ هفتي کان بختاور هائوس تي ترسيل آهن ذريعن موجب بلاول ڀٽو ذرداري اڄ اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي جي دعوت تي ڳوٺ بختاور پتافي پھچندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ بختاور پتافي ۾ اھم گڏجاڻي به ڪندو ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ پيپلز پارٽي ضلعي ٽنڊوالھيار ۽ تعلقي چمبڙ جا اڳواڻ شرڪت ڪندا

پهنجو تبصرو موڪليو