زرداري سنڌ جي لُٽيل پئسي سان پنجاب فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي پيو:حليم عادل

زرداري سنڌ جي لُٽيل پئسي سان پنجاب فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي پيو:حليم عادل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته آصف زرداري سنڌ جي عوام جي لٽيل پئسي سان پنجاب کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي پر هاڻي ائين نه ٿي سگهندو.پنهنجي بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ به زرداري مافيا کي به شڪست ڏينداسين، سنڌ ۾ هن وقت پي ٽي آءِ جا 26 اسيمبلي ميمبر آهن، انهن سڀني استعيفيٰ پارلياماني ليڊر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، خان صاحب جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، حڪم ايندي ئي بنا دير استعيفيٰ ڏينداسين.هن چيو ته سنڌ جي تاريخي اسيمبلي کي پيپلز پارٽي ڪرپشن بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي نگراني لاءِ پنهنجا ماڻهو به مقرر ڪيا ويا، سنڌ جي ڪنهن به اڪائونٽ ڪميٽي ۾ مخالف ڌر کي نمائندگي نه ڏني وئي آهي، ڪرپشن به پاڻ ڪن ۽ نگراني به پاڻ ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو منشور عوام جي ڀلائي آهي، هن ڀيري سڄي ملڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ واري آهي، گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي، 12 پارٽين جي ڪرپٽ ٽولي کي شڪست نصيب ۾ لکيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو