ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون جلد ادا ڪرڻ ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) واٽر ڪارپوريشن جي ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون جلد ادا ڪرڻ منھنجو پھريون ھدف آھي، ان حوالي سان واٽر ڪارپوريشن جي تنصيبات ۾ موجود سمورو اسڪريپ نيلام ڪري ملازمن کي ادائيگيون ڪيون وينديون، حاضر سروس ملازمن کي انشورنس ۽ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن جڏهن تہ سي بي اي سان گڏجي ملازمن جا ٻيا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران متحده ورڪرز فرنٽ سي بي اي جي عھديدارن سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران ڊي ايم ڊي آر آر جي سيد عمران زيدي، سي بي اي چيئرمين ارشاد خان، صدر عبدالقيوم، جنرل سيڪريٽري اڪرام خان سميت ٻيا عھديدار موجود هئا، ان موقعي تي سي بي اي عملدارن پاران سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي ملازمن جي مختلف مسئلن بابت آگاھي ڏيندي چيو تہ حب، مسلم آباد، ورڪشاپ ڊويزن ۽ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن سميت ٻين تنصيبات جي اسڪريپ کي نيلام ڪري ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون ادا ڪيون وڃن، ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پٽيل ۽ سيفي اسپتال کي واٽر ڪارپوريشن جي پينل تي آندو وڃي، واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جا قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قانوني اداري ۾ سڌارا آندا وڃن، سي اي او واٽر ڪارپوريشن سي بي اي اڳواڻن کي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪندي چيو تہ پٽيل ۽ سيفي اسپتال کي فوري طور تي پينل تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ واٽر ڪارپوريشن جي اسڪريپ جي نيلامي لاءِ قائم ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر مڪمل تفصيل جمع ڪرائي، سي اي او واٽر ڪارپوريشن چيو تہ منھنجو پھريون ھدف ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون جلد ادا ڪرڻ آھي، ھن سي بي اي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ اھي ڊپٽي ڊائريڪٽرز ٽيڪس سان تعاون ڪندي اداري جي آمدني کي بهتر بڻائڻ لاءِ مهم شروع ڪن، جنهن تي سي بي اي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، سي اي او واٽر ڪارپوريشن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سي بي اي سان گڏجي ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو