اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان، بشرا بي بي ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت ٻين اڳواڻن خلاف تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ رينجرز اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت خلاف قتل ڪيس سميت پاڪستان پينل ڪوڊ جون 10 شقون شامل آهن ۽ ڪيس سنڌ رينجرز جي هڪ آفيسر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشري بي بي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور، عمر ايوب، وقاص اڪرم، سلمان اڪرم راجا، مراد سعيد، زلفي بخاري، رئوف حسن، حماد اظهر ۽ ٻين اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز اهلڪارن جي شهادت پي ٽي آءِ جي باني جي حڪم تي ٿيو ۽ اهو سمورو واقعو اڊيالا جيل ۾ رٿيو ويو، پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت پاران مختلف وقتن تي جيل ۾ ملاقات لاءِ وڃڻ واري رٿابندي ڪئي وئي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ان منصوبي جا شاهد جيل جا ڪجهه قيدي، مزدور ۽ جيل ۾ ڳجهي پوليس جا ملازم آهن.ايف آءِ آر جي متن موجب بشرا بي بي ۽ ٻين جوابدارن وڊيو پيغامن ذريعي عوام کي ڀڙڪايو. پي ٽي آءِ قيادت عوام کي فوج ۾ شامل ٿيڻ ۽ حڪومت خلاف بغاوت لاءِ اُکسايو، جنهن سبب واقعو پيش آيو.










