رينجرز اهلڪار جو قاتل سندس وڏو ڀاءُ نڪتو،ڏوهه جو اعتراف

ڪوٽڙي (ن س) ڪوٽڙي سائيٽ سڪندرآباد ڪالوني واري علائقن ۾ رينجرز اهلڪار کي زال ۽ پٽ سميت ڪهي قتل ڪندڙ مقتول اهلڪار جو ڀاءُ نڪتو.4 ڏينھن اڳ الطاف غوري، سندس زال مينا ۽ پٽ عادل کي قتل ڪندڙ مقتول جو وڏو ڀاءُ ڀاءُ آفتاب گوري نڪتو. قتل معاملي جو ڪوٽڙي فوتي عورت جي ڀاءُ جي فريادت تي چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. جن ۾ لالا، مسمات ياسيمن ۽ آفتاب شامل آهن,پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو