شاهه محمود وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ گرفتار، جوڊيشل رمانڊ منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته هن نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور شخص مون کي چيو ته توهان 9 مئي ۾ ملوث نه آهيو.ڊيوٽي مئجسٽريٽ سيد جهانگير علي راولپنڊي جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي جي شروعات تي شاهه محمود جج کي پنهنجا هٿڪڙيون لڳل هٿ مٿي کڻي ڏيکاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن مون کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان جي باوجود مون کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو.مون کي رات جو گرفتار ڪيو ويو ۽ صبح جو اچي ٻڌايو ته توکي آزاد ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته هڪ حڪم کانپوءِ مون کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ حڪم واپس ورتو ويندو آهي.مون کي 26 ڊسمبر تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پوءِ تاريخ هٿ سان لکي ڪري 27 تاريخ لکي وئي، جيل جي حدن ۾ هو ته پنجاب پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي، مان 5 ڀيرا اسيمبلي جو ميمبر رهيس، ايس ايڇ او مون کي مڪن ۽ لتن جو نشانو بڻايو، ايس ايڇ او اشفاق مون تي تشدد ڪيو.شاهه محمود عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي سيني ۾ درد آهي، ايس پي کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ درخواست ڪئي ته مون کي اسپتال وٺي،مون عرض ڪيو ته مون کي سيني ۾ درد آهي پر ڪنهن ڊاڪٽر وٽ نه ورتو ويو، هڪ ڊاڪٽر کي سڏيو ويو جنهن وٽ صرف بلڊ پريشر مانيٽر هو،پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته توهان قرآن پاڪ تي قسم کڻي چوان ٿو ته 9 مئي تي راولپنڊي پنجاب نه پر ڪراچي ۾ هو،آغا خان اسپتال ۾ منهنجي زال مون سان گڏ هئي،پيمرا کان رڪارڊ وٺو آءٌ ڪراچي ۾ هوس،مون کان بيان وٺڻ چاهي پيو پر مون وڪيلن جي سامهون بيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو،مون کي سخت سردي ۾ رکيو ويو، رات جو ننڊ نه آئي، مون کي جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏنيون ويون،مون هر جاءِ تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي، مون پاڪستان کي صاف ڪيو، هاڻي مون سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي مهينن کان جيل ۾ آهيان، ڇا هي انصاف آهي، مون تي تشدد ڪيو ويو، الله مٿي تنهنجو قلم آهي،شاهه محمود جج سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته قانون هٿ ۾ نه کڻو، مون چيو هو ته ڪنهن جي به چوديواري کي نقصان نه پهچايو، مون پنهنجي بيان ۾ چيو ته خاندانن سان گڏ پرامن احتجاج ڪيو.هن چيو ته مون کي هڪ انتهائي ذميوار ماڻهو چيو ته توهان صاف آهيو، مان اڪيلو توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته ڪهڙي طاقتور شخص چيو ته 9 مئي ۾ توهان جو ڪردار ناهي ، منهنجو مڪمل بيان پيش ڪيو وڃي جيڪو هتي آهي،ٻڌڻي دوران شاهه محمود جي وڪيل سندس هٿڪڙيون کولڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت هٿڪڙيون کولڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو