رقم رکڻ باوجود پرڏيهين جي واپسي جا اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا

حيدرآباد (پ_ر) سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غير ملڪين کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪلڻ لاءِ سنڌ حڪومت 4ارب روپيا رکيا آھن ايتري وڏي رقم رکڻ جي باوجود اڃان تائين افغانين سميت ٻين غير ملڪين کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم ڪونه کنيا ويا آھن. ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ افغانين واپس وڃڻ بدران پنھنجو ڪاروبار پيا ڪن ۽ ضلعي انتظاميه انھن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪاروبار بند ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. ڪيترن ئي ضلعن ۽ تعلقن مان اھي خبرون پڻ ملن ٿيون ته مقامي پوليس عملدار رشوت عيوض انھن افغانين کي ڇڏي ڏين ٿا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار, نور احمد ڪاتيار، اوڀايو جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪين خلاف نتيجه خيز آپريشن ڪيو وڃي. ڪراچي سميت ضلعن ۽ تعلقن جي پوليس آفيسر ۽ انتظاميه کان روزاني جي بنياد تي ڪارڪردگي معلومات وٺي عوام کي ان کان آگاھ ڪيو وڃي ته ڪيترا غير ملڪي ڪھڙن ضلعن مان گرفتار ڪيا ويا ۽ انھن کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪھڙا قدم کنيا ويا. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪي به ٺوس اپاءُ نه ورتا آھن.صرف اعلان ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري عوام کي مطعمن ڪيو پيو وڃي ته افغانين سميت غير ملڪين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پر ان جي ابتڙ عملي ڪم ٿيندي نظر ڪونه پيو اچي. افغان بستيون به قائم آھن. اڳواڻن پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته غيرقانوني غيرملڪين جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. نادرا طرفان لکين افغانين ۽ ٻين غيرملڪين جا ڪوڙا ٺھيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن. رضاڪاراڻي طور تي مھلت ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به غير ملڪين خلاف ڪو وڏو آپريشن ڪونه ڪيو ويو آھي. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ افغانين خلاف وڏوآپريشن ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ ٻين صوبن جي انتظاميه طرفان ڪيل ڪارروائي کان ميڊيا وسيلي عوام کي آگاھي ڏني پئي وڃي پر سنڌ حڪومت ان قسم جا اڃان تائين ڪي بندوبست ڪونه ڪيا آھن. ان ڪري سنڌي عوام جا خدشا وڌندا پيا وڃن ته 4 ارب روپين جي رکيل رقم افغانين ۽ غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي نالي ۾ ھڙپ ڪئي ويندي. سنڌ ۾ غيرملڪين خلاف اھڙو ڪوڙو آپريشن ڪيو پيو وڃي جھڙو ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامون رچائي ماڙي جلباڻي ۾ چار بيگناھ ماڻھو شھيد ڪيا ويا ۽ ھيستائين ھڪڙي به ڌاڙيل ٽولي کي منطقي انجام تائين پھچايو ڪونه ويو آھي ۽ نه وري پريا ڪماري سميت مغوي آزاد ڪرايا ويا آھن صرف بيان بازي جاري آھي. اھڙو ئي ڪوڙو آپريشن افغانين ۽ غير ملڪين خلاف ڪيو پيو وڃي.اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته غير ملڪين خلاف سخت کان سخت آپريشن ڪرڻ جا ٺلھا اعلان ڪرڻ بدران عملي قدم کنيا وڃن ۽ ميڊيا وسيلي ٻڌايو ته روزانو ڪيترا غير ملڪي ڪھڙن ضلعن ۽ علائقن مان گرفتار ڪري واپس موڪليا پيا وڃن. اڳواڻن چيو ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو