رقم دستياب ٿيندي ئي پگهارن ۾ واڌ ڪري ڇڏينداسين : چيئرمين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آئي اي چيئرمين اسلم خان چيو آهي ته پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪنهن معاهدي يا سيڪٽر اڏامن جي شروع ٿيڻ سان مشروط ناهي ڪئي رقم دستياب ٿيندي ئي پگهارن ۾ واڌ ڪري ڇڏينداسين پي آئي اي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي معاملي تي ڳالهائيندي پي آئي اي چيئرمين اسلم خان چيو آهي ته ڳالهين ۾ سي بي اي يونين کان رقم ملڻ تي فوري واڌ تي اتفاق ڪيو ويو آهي پگهارن ۾ واڌ جي اعلان کان پوءِ ئي ملازمن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پگهارن ۾ امڪاني واڌ برطانوي اڏامن جي بحالي سان مشروط آهي اسلم خان وڌيڪ ٻڌايو ته پي آئي اي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي سي اي سي قدم کڻڻ لاءِ چيو آهي خيال رهي ته پگهارن ۾ واڌ لاءِ پاڪستان ۾ 26 ڏينهن کان جاري احتجاج پي آئي اي ملازمن 6 سيپٽمبر تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو