رعنا حسين جو اوچتو دورو، ناقص انتظامن تي ڪاوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم ۽ عورتن جي ترقي واري نگران صوبائي وزير سنڌ رعنا حسين جو اوچتو ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ناقص انتظامن تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو. صوبائي وزير رعنا حسين ڪراچي جي صدر ٽائون ۾ بسم الله گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول هجرت ڪالوني ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2 جو دورو ڪيو. تعليم واري وزير اسڪولن جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري تدريسي عمل جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. سنڌ جي تعليم واري وزير بسم الله گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول هجرت ڪالوني جي دوري دوران تدريسي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر ٽائون جي هڪ ٻئي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2 ۾ صفائي جي ناقص انتظامن، ڪارپورل پنشمنٽ ۽ ٻارن جي ابتدائي تعليم جا ڪلاس نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير چيو ته ڪلاسن ۾ ڪاٺ جي موجودگي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هتي ٻارن تي مارڪٽ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جسماني سزا سنڌ ۾ قانوني ڏوهه آهي. ٻارن کي صحتمند ماحول ۾ بهتر تعليم ڏئي سگهجي ٿي. صوبائي وزير جي هدايت تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2 جي ٻن استادن کي جسماني مارڪٽ جي شڪايت تي ايڪسپلينيشن ليٽر جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ابتدائي تعليم جي ڪلاس جا انتظام سٺا نه هئڻ ڪري، ارلي چائلڊ ٽيچر کي پڻ ايڪسپلينيشن ليٽرڏنو ويو. صوبائي وزير گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2 جي هيڊ ماستر کي ڇنڊڇاڻ ڪندي اسڪول جي حالت بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تعليم واري وزير اسڪول جي مرمت ۾ دير جو نوٽيس ورتو ۽ رعنا حسين لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس آفيسرن سان فون تي رابطو ڪري اسڪول جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا. صوبائي وزير رعنا حسين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تعليم کاتي جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن جا اڻ اعلانيل دورا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن جو ڪم بهتر نه ڪيو ويو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو