راڻي پور(ن س)خيرپور جي هڪ وڏي پير گهراڻي جي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل 10 سالن جي نوڪر نينگري جي قتل جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي پير اسد شاهه جيلاني کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. راڻيپور درگاهه جي مريد ايس ايڇ کي ڪاروائي نه ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي معطل ڪيو ويو آهي. ساڳئي پيراڻي درگاهه جي سفارش تي پنجون ڀيرو ايس ايڇ او لڳندڙ امير چانگ متاثر خاندان تي دٻاءُ وجهي بيان ورتو ته نينگري طبعي موت مئي آهي. ايس ايڇ او بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن تي دٻاءُ وجهي لاش دفنائي ڇڏيو. ايس ايس پي خير پور مير روحل کوسو، جوابدار پير اسد شاهه جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته قبر ڪشائي ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرائينداسين. وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، کين راڻيپور ٿاڻي وٺي پيو وڃان.

رپورٽ موجب خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو واسي فاطمه ولد نديم ڦرڙو جو تشدد ۾ مبينا طور تي فوت ٿي ويل نينگريءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور ازخود نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته وائرل ٿيل وڊيوجيڪا حويلي جي سي سي ٽي وي ۾ رڪارڊ ٿيل آهي، ان ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نياڻي جي جسم تي تشدد ۽ ڏنڀن جا نشان چٽا ظاهر آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو راڻيپور ۾ پنهنجن مرشدن وٽ خدمت لاءِ ترسيل هئي. جنهن جو تشدد ٿيل لاش پنهنجي وارثن وٽ پهتو آهي. رابطو ڪرڻ تي راڻيپور پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن کي پير ٻڌايو ته اوهانجي نينگريءَ پيٽ جي سور ۾ فوت ٿي وئي آهي. پر نينگري جي جسم تي سخت تشدد ٿيل آهي. جڏھن ته ويڊيو ۾ نينگري ڪمري اندر جيڪا تڙپي رھي آھي ۽ اھا اتي ئي فوت ٿي وئي آهي. جنھن بعد گھر پھتل لاش جي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ نينگريءَ مٿان تشدد جا چٽا نشان نظر اچي رھيا آھن. جنھن بعد وارثن پنھنجي مرشدن مٿان ڪک رکندي پنھنجي بيگناھ تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگريءَ کي بغير پوسٽ مارٽم جي دفنائي ڇڏيو آهي. جنھن مان به ڪيترائي خدشا ظاھر ٿي پيا آھن. پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته اسين انڪوائري ڪري رھيا آھيون ۽ وارثن جا بيان قلم بند ڪري ڇڏيا آھن. جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ به غلط بياني ڪندي چيو آهي ته ڇوڪري کي پيٽ جي بيماري هئي مٿس تشدد ٿيل نه هو، موجب ته نينگريءَ کي ڪامڻ جو مرض ھيو. سندس امڙ جي موقف موجب ته نينگريءَ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي. اسان مٿان زور ھجڻ ڪري اسان بيان نه ڏئي رھيا ھئاسين. منھنجي نياڻي جا قاتل گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سکر 24 ڪلاڪن اندر نياڻي جا قاتل گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.