راڻيپور ۾ پوليس تشدد سبب نوجوان فوت، وارثن جو ڌرڻو

راڻيپور: (ن س ) راڻيپور پوليس جي تشدد سبب زخمي ٿيل نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. راڻيپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور ابڙو پريمي نوجوان جي رشتيدار شاھ مراد بروهي کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري ٽي ڏينهن تائين بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ نوجوان کي پيٽ مان رت نه رڪجڻ تي پوليس شاھ مراد بروهي کي ھڪ ڏينھن پھريان گمبٽ گمس اسپتال داخل ڪرايو هو، جتي نوجوان شاھ مراد زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن سندس لاش نيشنل ھاء وي قومي شاھراھ تي رکي مرد عورتن ٻارن سميت ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو ھنيو آھي مظاھرين جو چوڻ آھي ته ايس ايڇ او راڻيپور انور علي ابڙو ڳري رشوت وٺي اسان جي نوجوان تي تشدد ڪري ماريو آھي. وارثن موجب احسان بروهي مسڪان شيخ سان پرڻو ڪيو هو عيوضي ۾ پوليس شاهمراد کي کنڀي کڻي وئي هئي. جتي انهن شاهمراد کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو هو جنهن کان پوءِ اسان جي نوجوان گمس اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. مظاهرين مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته راشي ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڌرڻو جاري رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو