راولپنڊي ۾ گيس پائپ لائن ۾ ڌماڪو، باهه،گهر سڙي رک

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي علائقي ڌميال ۾ گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي. ذريعن موجب 3 فائر ٽينڊرز سميت 6 ايمرجنسي گاڏيون فائر برگيڊ آپريشن ۾ مصروف آهن جڏهن ته وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب هڪ گيس لائين، هڪ آئل لائن ۽ هڪ گهر سڙي رک ٿي ويو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه ڪيترن ئي گهرن کي پنهنجي وڪوڙ ۾ آڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو