راما پير جي ميلي تي ويندڙن سان حادثو: 2 فوت، 20 زخمي

عمرڪوٽ(ن س )ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي راما پير جي ميلي تي ويندڙ ياترين سان خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،ڳوٺ دينو چانگ جا رهواسي مزدا ذريعي راما پير جي ميلي تي وڃي رهيا هئا ته ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو،حادثي دوران 60 ورهين جي جيڻي ڪولھي ۽ 8 ورهين جو جيوڻ اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻاررن سميت 20 ياتري زخمي به ٿيا آهن،زخمين کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو