راجن پور)ويب ڊيسڪ) انڊس هاءِ وي شاهوالي وٽ 2 مسافر بسون آمهون سامهون ٽڪر ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب انڊس هاءِ وي شاهوالي وٽ ڪوهيڙي سبب 2 مسافر بسون ٽڪرائجي ويون.زخمين مان هڪ بس پشاور کان ڪراچي وڃي رهي هئي جڏهن ته ٻي بس ڪوئيٽا کان راجن پور وڃي رهي هئي.ذريعن موجب حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي راجن پور ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته حادثي جي ذميوار ڊرائيور خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










