ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس اينجيو پلاسٽي ڪئي وئي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي کي اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس دل جو دورو پوڻ جي تصديق ڪئي.ترجمان موجب رئوف صديقي ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ آيو هو، جتي هو لاڳاپيل عدالت جي جج جي موڪل سبب ڪيفيٽريا ۾ چانهه پي رهيو هو، جنهن دوران کيس دل جو دورو پيو.اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رئوف صديقي جي شروعاتي اينجيو پلاسٽي ڪامياب ٿي، اينجيو پلاسٽي دوران اسٽينٽ لڳايو ويو.ترجمان موجب رئوف صديقي کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال آندو ويو ۽ دل جو دورو پوڻ سبب سندس ڦڦڙن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، جنهن سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو.
