ڊيموڪريٽس پينل جي مسلسل ڪاميابي ميمبرن جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ دي ڊيموڪريٽس پينل کي ڪلين سوئيپ ڪرڻ تي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ دي ڊيموڪريٽس پينل جي مسلسل ڪاميابي ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن پاران دي ڊيموڪريٽس تي اعتماد جو واضح ثبوت آهي جڏهن تہ دي ڊيموڪريٽس پينل جي ڪاميابي صحافين پاران انهن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، هنن چيو تہ ته ڪراچي پريس ڪلب جي پاڪستان سميت ڪراچي شھر جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي ڇاڪاڻ تہ ڪراچي پريس ڪلب جي ملڪ ۾ ھڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ آهي، هنن جو چوڻ هو تہ اسان کي پوري اميد آھي تہ نئي چونڊيل باڊي ڪراچي پريس ڪلب جي گذريل بهترين روايتن جي ماحول کي برقرار رکندي صحافي تنظيمن جي بهتري لاءِ متحرڪ ۽ جامع ماحول لاءِ رستو هموار ڪندي ۽ نوان چونڊيل عهديدار سمورن صحافين جي ڀلائي سميت صحافتي ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا، هنن وڌيڪ چيو تہ اسان کي پوري اميد آهي تہ سمورا نوان چونڊيل ميمبر پياري وطن پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام سميت صوبي سنڌ خاص ڪري ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، سي اي او واٽر ڪارپوريشن ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن پاران ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ دي ڊيموڪريٽس پينل جي ڪامياب ٿيل صدر سعيد سربازي، نائب صدر رشيد ميمڻ، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، خزانچي احتشام سعيد قريشي سميت گورننگ باڊي ميمبرن شازيہ حسن، شمس ڪيريو، نور محمد ڪلهوڙو، نواب قريشي، مونا صديقي، رانا جاويد ۽ شعيب احمد کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو