اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو آهي ته هو پاڪستان کي ايس سي او جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.ايس سي او سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو آهي ته ڀارت هن صدارت کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو آهي.جي شنڪر جو چوڻ آهي ته اسان هڪ اهڙي وقت ۾ ملاقات ڪري رهيا آهيون جڏهن سڄي دنيا جي صورتحال پيچيده آهي، ٻه وڏا تڪرار هلي رهيا آهن، جن جا مختلف عالمي اثرات آهن.هن چيو ته ڪووڊ ترقي پذير ملڪن کي سخت متاثر ڪيو آهي، سخت موسمي واقعن، سپلائي چين جي غير يقيني صورتحال ۽ مالي عدم استحڪام ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.ڀارتي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته قرضن جو بار سنگين مسئلو آهي، دنيا پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي رهجي وئي آهي.










