دهشتگردن بلوچستان ۾ رهندڙ هر طبقي کي نشانو بڻايو: نگران وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگردن بلوچستان ۾ رهندڙ هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي.ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هزاره برادري سان اسان جي ويجهڙائي پراڻي آهي، بلوچستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي.هن چيو ته هزاره برادري جي شهيدن جو وڏو انگ آهي، اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو اصل خزانو ان جي ثقافت ۽ عوام آهن، اڄ هزاره جي شهيدن جو نالو وٺان ٿو.نگران وزيراعظم چيو ته اسان جا دشمن هڪ آهن، اسان ۾ ڪنهن به قسم جي ورهاست نه ٿيڻ گهرجي، گڏ هونداسين، انهن خلاف وڙهنداسين، گهٽي گهٽي ۾ به وڙهنداسين.هن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن امن هوندو ته ادب جنم وٺندو، جنگ ۾ ادب پيدا نه ٿيندو، جيڪڏهن امن هوندو ته تهذيب جنم وٺندي ۽ سائنس جي ترقي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو