لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته دشمن ڀلي ڇا ڪري حڪومت قائم رهندي پنجاب اسيمبلي جا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان ڪنهن کان نٿا گهرون الله ۽ ان جي رسول صلعم کان گهرون ٿا دسمن ڀلي ڇا به ڪري حڪومت قائم رهندي هن چيو ته هن ڪم کي جاري رکنداسين يقين سان چوان ٿو ته ايندڙ نسل دين جي خدمت جاري رکندا پنجاب جي وڏي وزير چيو ته خاتم النبي صلعم بل ۽ قرآن پرنٽنگ اينڊ رڪارڊنگ بل منظور ڪرڻ تي ايوان کي مبارڪون ڏيان ٿو سندس چوڻ هو ته پرائمري اسڪول کان ايف اي تائين قرآن ڪريم لازمي قرار ڏنو ويو الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته مون کي منهنجي ڪابينه کي هي سعادت بخشي چوڌري پرويز الاهي اهو به چيو ته ختم نبوت تي جيڪا قانونسازي ٿي ان جي عمران خان ۽ پي ٽي آئي کي سعادت ملي.










