دشمني مون سان هئي پر عوام کي سزا ڇو ڏني وئي:نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس هئا، پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيو هو، جنهن مون کي ڪامياب ڪيو. قوم سان خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عدالت مون کي هر الزام مان بري ڪيو، مون کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو، نيب کي منهنجي خلاف ٽي ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو ويو، مون کي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو ويو پر ان شرمناڪ راند پويان سڀ چهرا وائکا ٿي ويا. هن چيو ته مون کي هٽائي ڪنهن لاڏلي کي آڻڻ لاءِ پاڪستان کي سزا ڇو ڏني وئي، دشمني ته نواز شريف سان هئي، ان کي جيل ۾ به وڌو ويو پر عوام کي ڇو سزا ڏني وئي.سندس چوڻ هو ته مون کي حقيقي خوشي ان وقت ملندي جڏهن عوام جون سزائون ختم ٿينديون، جڏهن انهن مهانگائي جي عذاب مان جان ڇٽندي، جڏهن نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ بيمارن کي دوائون ملنديون. نواز شريف عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ جج آهيو ۽ مون کي اميد آهي ته توهان 8 فيبروري تي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندئو ۽ پنهنجي سزائن جو خاتمو ڪندئو.

پهنجو تبصرو موڪليو