دادو ۾ معصوم ٻارڙي کنڀي گم، عورتن جو ڌرڻو

دادو (ن س )دادو ۾ پيارو اسٽيشن واسي عورتن معصوم ٻارن سميت ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي مظاهرين عورتن الزام هنيو آهي ته پيارو اسٽيشن پوليس عباس چانڊيو ۽ 5ورهين جي سڪينا کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي مظاهرين عورتن دانهيو ته پوليس اِهو نه پئي ٻڌائي ته نينگري ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي، اسان پريشان آهيون هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي ذميوار پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو