راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي علائقي تيره ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، 17 جنوري تي سيڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي تيره ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 خوارج مارجي ويا. مارجي ويل خوارج جو ليڊر عبدالله عرف ” تراب “ پڻ شامل آهي، جڏهن ته هڪ خوارج کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.مارجي ويل خوارج علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشت گردي جي ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جو قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشت گردي جي ناسور کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.










