ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جو82 هون يومِ تاسيس سڄي ملڪ وانگر ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،26 هين آگسٽ تي يومِ تاسيس جي سلسلي ۾ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، نواب شاه، ٿرپارڪر، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، عمرڪوٽ، ٽنڊوآدم، سجاول، گهارو، بدين، دادو، جهڏو سميت مختلف شهرن ۾ سيمينار، مذاڪرا، جلسا ۽ ٻيا ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، جن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن کان علاوه سياسي، سماجي اڳواڻن، عالم سڳورن ۽ دانشورن خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي 82 ساله سياسي، سماجي، ديني ۽ فلاحي جدوجهد تي روشني وڌي جڏهن ته هر شهر ۾ جماعت اسلامي جي ڪلمي واري جهنڊي جي پرچم ڪشائي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني، سياسي ۽ جمهوري جماعت آهي جيڪا فرقيواريت، لسانيت، موروثيت کان پاڪ ۽ رنگ توڙي نسل کان بالاتر ٿي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي. قاضي حسين احمد، پروفيسر غفور احمد، اسدلله ڀٽو، لياقت بلوچ، سراج الحق، مولانا عبدالااڪبرچترالي، سيد عبدالرشيد تائين جماعت اسلامي جي پارليمنٽرين هميشه ملڪ ۽ ملت جي مفادن جو تحفظ ۽ انهن مٿان نيب سميت ڪنهن به مخالف هڪ پئسي جي ڪرپشن جو الزام نٿو لڳائي سگهي، سيلاب هجي يا زلزلو، قدرتي آفتن سميت عوام جي ٻرندڙ مسئلن تي جماعت اسلامي جي فلاحي اداري الخدمت سڀ کان اڳم ۾ پهچي عوام جي دادرسي ڪئي، عوام ايندڙ چونڊن ۾ ديانتدار ۽ مخلص قيادت جي چونڊ ڪري ملڪ ۽ قوم کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني سميت آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات ڏياري سگهي ٿي. صوبائي امير محمد حسين محنتي جيڪب آباد ۾ مقامي هال ۾ رٿيل يومِ تاسيس جي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ هن وقت وڏي بحران جو شڪار آهي، 76 سالن ۾ ترقي ۽ خوشحالي بدران اڄ هڪ ڊالر 312 رپين تائين وڃي پهتو ۽ مهانگائي سبب ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي ڇو ته فوجي آمريت ۽ بدترين سولين حڪمراني جي ڪري اڄ پاڪستان جي 27 ڪروڙ آبادي بُک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آءِ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم سميت سڀئي پارٽيون برابر جون شريڪ آهن، ايف بي آر تسليم ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هر سال پنج سئو ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، هڪ لٽر پيٽرول تي 130 رپيا ٽيڪس، بجلي بلن تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائڻ باوجود عوام کي بنيادي سهولتون به فراهم ناهن، سنڌ ۾ پ پ جي 15 ساله دور اقتدار باوجود اڄ جيڪب آباد جا شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم ۽ پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پ پ قيادت اربين کربين رپين جون ملڪيتون جوڙي ورتيون جڏهن ته عوام ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي، سڄي سنڌ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي، عوامي ٽيڪس جي رقم حڪمران پنهنجي عياشين تي خرچ ڪري رهيا آهن، جماعت اسلامي اقتدار ۾ نه هجڻ باوجود عوامي خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي، گذريل سال سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي ڪري سيلابي صورتحال ۾ هر ضلعي اندر جماعت اسلامي الخدمت ذريعي جيڪا خدمت ڪئي اها ڪنهن کان به لڪل ڪونهي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي شرعي نظام کي قائم ڪرڻ، ڪرپشن فري، پُرامن ۽ اسلامي توڙي خوشحال پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، راڻي پور ۾ فاطمه ڦُرڙو جو واقعو هجي يا مظلوم صحافي جان محمد مهر جو بيدردي سان قتل جماعت اسلامي سراج الحق جي قيادت ۾ ظالم وڏيرڪي نظام کي هر محاذ تي للڪاريو آهي، ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور سميت سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف سراج الحق جي اڳواڻي ۾ تحريڪ هلائي ويندي، ان شاءَ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کي چڱا ڏينهن ڏسڻ نصيب ٿيندا. بدقسمتي سان 76 سال گذرڻ باوجود اڄ به هن ملڪ ۾ انگريزن جو قانون نافذ آهي، اسلامي دستور ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي ته ملڪ مسئلن کان ڇوٽڪارو ۽ عوام ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري سميت بُک بدحالي کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي عوام بار بار وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ ڀوتارن کي آزمائڻ بدران هن ڀيري جماعت اسلامي جي نيڪ، صالح ۽ ديانتدار قيادت تي اعتماد ڪري منتخب ڪن ته جئين عوام جي ووٽ جي طاقت سان ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ کان نجات ۽ عوام کي ڳرن بجلي بلن، گيس، پيٽرول ۽ عام واهپي وارين شين جي اگهن کي ڪنٽرول سميت ڌاڙيل راڄ کان نجات ڏياري سگهون. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو شڪارپور، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي ٿرپارڪر، ممتاز حسين سهتو نواب شاه، پروفيسر نظام الدين ميمڻ ڪنڌڪوٽ، ڪاشف شيخ لاڙڪاڻو، عبدالوحيد قريشي حيدرآباد، مجاهد بلوچ بدين ۽ مولانا عبدالقدوس احمداڻي ٽنڊوالهيار ۾ يومِ تاسيس جي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو.
