خضدار ويجهو ٻن گاڏين کي باهه، 4 ڄڻا سڙي فوت

خضدار (ويب ڊيسڪ)خضدار ويجهو ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ بعد باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ چار ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ڪرخ واري علائقي ۾ ٻن گاڏين ٽڪر ٿيڻ بعد باهه وڪوڙي وئي. گاڏين کي باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي ٽيچنگ اسپتال خضدار منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن سنڌ کان ايندڙ گاڏي، پيٽرول سان ڀريل گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ گاڏين کي باهه لڳي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين مان ٻن جو باغبانه، هڪ جو ڪوشڪ ۽ هڪ جو پنجگور سان تعلق هو.

پهنجو تبصرو موڪليو