خدشا ختم نه ٿيا ته ملڪ م نظام درھم برھم ڪري چڏينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ء نگران سنڌ حڪومت کي ڇتاء ڏنو آھي ت اگر چونڊن کان اڳ اسان جا خدشا ختم ن ڪيا ويا ت سنڌ سميت ملڪ م نظام درھم برھم ڪري چڏينداسين،دمادم مست قلندر ٿيندو،حالتن جي ذميدار نگران ء اليڪشن ڪميشن ھوندي،تڪبندين تي جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرڻ کانسواء صاف شفاف چونڊون ناممڪن آھن،صوبائي اليڪشن ڪمشنر ء نثار دراني پيپلز پارٽي جو حلف يافتہ ڪارڪن طور ڪم ڪري رھيا آھن،انھن جي عھدي تي رھڻ سان سنڌ م صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناھي سموري صورتحال پير صاحب پاڳاري آڏو رکي ڇڏي آھي،اھو مشورا ڪري رھيو آھي،پير صاحب پاڳارو جيڪا ھدايت ڪندو ان تي دل سان عمل ڪيو ويندو،ڄاڻي واڻي جي ڊي اي جي تڪن م پيپلزپارٽي جي چوڻ تي من پسند تڪبنديون ڪيون آھن،جنھن جو مقصد مخالفن کي چونڊ عمل کان پري رکڻ آھي،پر جي ڊي اي سازشن کان ڊڄڻ واري ناھي،صورتحال جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين،اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ،عرفان الله مروت ،بئريسٽر حسنين مرزا،بئريسٽر ارشد شر بلوچ ،اختر خان راڄپر ء ٻين ڪراچي پريس ڪلب م پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،اڳواڻن وڌيڪ چيو ت عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ء نگران حڪومت آڏو خدشات ڪيترائي دفعا رکيا آھن،نگران حڪومت ء اليڪشن ڪميشن زرداري ليگ کي ڪامياب ڪرائڻ چاھي ٿي،جي ڊي اي جي ماضي جي چونڊيل نمائندن جي تڪن پي ايس 40،پي ايس 41 پي ايس 42 پي ايس 29 م غير قانوني تبديليون ڪيون ويون آھن،ھنن چيو ت اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير تي ڀروسو ڪيو ت ھو بھترين جج رھيو آھي پر نگران وڏو وزير بڻجڻ کانپوء زرداري ليگ جو ايجنٽ بڻجي ويو آهي ،زرداري ليگ جي جيالن آفيسرن کي ھيل تائين تبديل ناھي ڪيو ويو،ھن چيو ت بلدياتي چونڊن م رڪارڊ ڌاندليون ڪيون ويون آھن جنھن جا ثبوت اليڪشن ڪميشن وٺ جمع ڪرايا آھن،پر ھيل تائين ڪاب شنوائي ن ٿي آھي،جي ڊي اي اڳواڻن چيو ت اڳوڻا وزير اڄان تائين سرڪاري گاڏيون ء سرڪاري پروٽوڪول کڻي گھمن پيا،جي ڊي اي اڳواڻن چيو ت جي ڊي اي کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪيون ويون،مگر جي ڊي اي م شامل دوستن ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو،ھنن چيو ت معظم خان عباسي ٻ دفعا تڪ پي ايس 11 تان ٻ دفعا زرداري ليگ کي شڪست ڏني،ان جي تڪ سميت جي ڊي اي جي اڪثريتي تڪن کي تبديل ڪيو ويو آهي ،خيرپور ،سانگھڙ،بدين،نوشھروفيروز،عمرڪوٽ، شڪارپور سميت اسان جي اڪثر تڪن کي تبديل ڪيو ويو آهي ،ھڪ سوال جي جواب اڳواڻن چيو ت جي ڊي اي م شامل ٿيڻ لاء سنڌ جون اھم سياسي شخصيتون رابطي م آھن جيڪي جلد جي ڊي اي م شامل ٿيندا،ھنن چيو ت سعيد غني سرڪاري بنگلي کي پيپلزپارٽي جي آفيس ٺاھي اليڪشن مھم ھلائي رھيو آھي ،اڳواڻن چيو ت چيف جسٽس آف پاڪستان اليڪشن کي صاف شفاف بنائڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري اگر نوي ڏينھن م اليڪشن ڪرائڻ آئيني ذميداري آھي ت صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ب آئيني ذميداري آھي ،ھنن چيو ت پي ايس 29 کي چئن تعلقن م ورجايو ويو آهي ٽن ضلعن شڪارپور ،ڪشمور ء جيڪب آباد کي ھڪ تڪ م تبديل ڪيو ويو آهي ،ھن چيو ت سانگھڙ کان خيرپور تائين ھڪ تڪ ٺاھيو ويو آهي ،اگر فرمائش تي تڪ ٺاھي زرداري ليگ کي اقتدار ڏيڻو آھي ت چونڊون ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ھڪ سوال جي جواب م چيو ت زرداري سنڌ م سڀني کي ھٿ کڻائڻ چاھي ٿو پر سنڌ جا ماڻھون ڪرپٽ زرداري مافيا کي گھر موڪليندا،ھڪ سوال جي جواب م اڳواڻن چيو ت زرداري جي سياست بلاول جي سياست کي خراب ڪري رھي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو