اسلام آباد(بيورو رپورٽ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني ٻين کي چوندو هو ته رسيدون ڏيکاريو، توهان به رسيدون ڏيکاريو. ڳالهائيندي هن چيو ته سرڪاري تحفن جي رسيد ڏيکاريو، توهان کي ڪجهه نه چيو ويندو، جيڪو شخص جوڊيشل رمانڊ تي آهي، ان کي عدالت آزاد ڪيو آهي.هن چيو ته مون تي پي ٽي آءِ جي باني پاران ٺاهيل ڪوڙا ڪيس به برداشت ڪيا ويا.ن ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي مطالبن تي غور ڪندي، اميد آهي ته پي ٽي آءِ جا دوست به کليل دل سان ڳالهيون ڪندا.احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ سان سنجيده ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، تحريڪ انصاف کي اقتصادي معاهدي جي دعوت ڏينداسين، اسان چاهيون ٿا ته روڊن تي ڪو فساد ۽ افراتفري نه ٿئي.وفاقي وزير چيو ته اقتصادي اڏام 5 سالن جو منصوبو آهي، اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ناهي آئي، انهن ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.










