خالي ڪنٽينر مان 70 ڪلو چرس هٿ، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪليڪٽر ڪسٽم انفورسمينٽ ڪراچي جي اهلڪارن بلوچستان کان ڪراچي ايندڙ هڪ خالي ڪنٽينر جي اسپر ويل مان 70 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتي.ڪسٽم اختيارين موجب گذريل رات ڪراچي جي ناردرن بائي پاس جي خام واري علائقي مائي گادي واري ڳوٺ وٽان گذرندڙ هينو ٽرالر نمبر JV 3781 کي شڪ جي بنياد تي روڪي تلاشي ورتي ته ان ۾ سامان ڀريل هو. اختيارين موجب عملي ٽرڪ جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ ٽرڪ جي ٽول باڪس واري حصي ۾ موجود اسپير ويل کي چيڪ ڪيو ته ان مان چرس جا 57 پيڪيٽ مليا، جن جو ڪل وزن 70 ڪلوگرام ۽ قيمت 15 لک رپيا آهي. آهي.ڪسٽم اختيارين موجب هٿ آيل چرس ۽ ٽرالر هٿ ڪري ٽرڪ ۾ سوار 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس اينڊ ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو