اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جي پارٽي ڇڏڻ سان اسان کي وڏو نقصان پهتو آهي.ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان کان سواءِ آئيني ترميم سان اڳتي نه وڌياسين ۽ 26 هين آئيني ترميم ۾ کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئاسين، شروعات ۾ اسان هڪ ننڍڙي غلطي ڪئي، جنهن کي اسان درست ڪيو.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سياستدانن سان به ڳالهيون ڪيون وينديون، ۽ سياستدانن کي جيڪي به مطالبا آهن انهن تي ويهڻ گهرجي.رانا ثناءُ الله چيو ته شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جو پارٽي ڇڏڻ اسان لاءِ نقصان آهي. اسان نه چاهيون ته مفتاح ۽ شاهد خاقان پارٽي ڇڏي وڃن. جڏهن به ضرورت هجي، مفتاح اسماعيل ۽ شاهد خاقان اسان وٽ اچي سگهن ٿا ۽ اسان انهن وٽ وڃي سگهون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سياستدان گڏجي ويهن ته معاملا پيچيده ٿيڻ بدران حل ٿي ويندا.










