خاص ماڻهن جي خدمت کان بغير اسان مهذب نٿا سڏرائي سگهون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير محمد احمد شاهه مختلف صلاحيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ماڻهو به عام انسانن وانگر ئي هوندا آهن، انهن ۾ ذهانت ۽ صلاحيت هوندي آهي ۽ اڄ آرٽس ڪائونسل ۾ انهن جي هٿ جي هنر ۽ فن جا نمونا ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪيترا باصلاحيت ۽ لائق آهن. هن چيو ته اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن ٻارن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪريون ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي. هن چيو ته انهن ٻارن جو خيال رکڻ کان بغير اسان مهذب نٿا سڏرائي سگهون. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عام ماڻهو جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ان ڪم ۾ سندس ساٿ ۽ مددگار آهيون. نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو ته هو انهن خاص ٻارن جي تخليقن لاءِ مناسب معاوضو ڏيارڻ لاءِ سرنديءَ وارن کي خاطري ڪرائيندو ته پنهنجي خريداري سان انهن ٻارن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مون کي انهن ٻارن ۾ شامل ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي سنڌ حڪومت ۽ آرٽس ڪائونسل انهن ٻارن جي حوصلا افزائي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ مختلف معذور ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پاران تيار ڪيل هينڊ ڪرافٽس، پينٽنگس ۽ آرٽس جا نمونا ڏٺا ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تخليقي صلاحيتن کي ساراهيو. تقريب ۾ اسپيشل ٻارن جي اسڪولن جي شاگردن قومي ۽ علائقائي ثقافتن تي ٻڌل سريلي ٽيبلوز پيش ڪيا، جن کي حاضرين دل کولي ڪري تعريف ڪئي. تقريب جو انتظام صوبائي ڊپارٽمينٽ فار ايمپاورمينٽ آف اسپيشل پرسنز پاران تعليمي ادارن فار اسپيشل پرسنز جي سهڪار سان ڪيو ويو. تقريب ۾ معذورن جي بااختيارگي واري کاتي جي سيڪريٽري طحٰه فاروقي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن کان علاوه جاپان جي دانشور ۽ اسڪالر هيروجي ڪتائوڪا ۽ عظمت اتاڪا پڻ موجود هئا. تقريب کي صوبائي سيڪريٽري طحٰه فاروقي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو