لاڙڪاڻو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو شاگردن جي ليڊرس سوسائٽي ۽ سائنس ادب ۽ آرٽ سوسائٽي جي اڳواڻن عبد اللہ تنيو, محمد ياسين ميمڻ, ڪلثوم عباسي, ڪبير ڀٽو ۽ ٻين طرفان مشرقي طبي علم ۽ فلسفي جي سرواڻ، ھمدرد فائونڊيشن جي باني، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي استاد ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر شھيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد جي ياد ۾ تقريب، لفظن جي ڀيٽا پيش، لاڙڪاڻي ۾ شهيد حڪيم محمد سعيد جي نالي سان هڪ طبي ادارو قائم ڪرڻ جي گهُر. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي پي آر او عاطف رفيق سمون جي جاري ڪيل بيان موجب سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي آڊيٽوريم هال ۾ مشرقي طبي علم ۽ فلسفي جي سرواڻ، ھمدرد فائونڊيشن جي باني، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي استاد ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر شھيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد شهادت واري ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو احمد بخش ڀٽو، پاڪستان ايسوسيئيشن فار ايسٽرن ميڊيسن پاڪستان جي مرڪزي نائب صدر حڪيم غلام صديق ٻرڙو نقشبندي، ڊاڪٽر رحمت الله شيخ، شمس الدين، محمد بخش ٻرڙو (ستاره شجاعت ايوان صدر پاڪستان) مشهور شاعر ۽ ثنا خوان اعجاز ٻرڙو سميت حڪيمن، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي گورنر شھيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد جي زندگي بابت ڊاڪيومينٽر ڏيکاري سندس جي ڪيل تاريخي ڪمن تي نظر وڌي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته نشان امتياز شھيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد هميشه عوامي ڪم ڪيا، هُن ڏينهن رات پاڪستان جي نوجوانن لاءِ جستجو ڪئي، هُن عربي فارسي اردو ھندي ۽ ٻين ٻولين سکڻ سان گڏ حڪيم اجمل خان طب ڪاليج دھلي مان طب ۽ حڪمت جي سند حاصل ڪري عوام جي خدمت شروع ڪئي، طب ۽ حڪمت جو علم حاصل ڪرڻ سان گڏ حڪيم محمد سعيد دھلي يونيورسٽي مان ميڊيڪل ڪيمسٽري ۽ فارميسي ۾ 1942 ۾ بيچلر ۽ 1945 ۾ ماسٽرس جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. هن چيو ته 23 مارچ 1940 لاھور ۾ منعقد ٿيل مسلم ليگ جي تاريخي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪيم محمد سعيد کي لفظ “پاڪستان” سان ايترو عشق ھو جو 28 سالن جي عمر ۾ پنھجي وڏي ڀاء، امڙ ۽ ڀيڻ سان گڏ سندس دوست جواھر لال نھرو جي منع ڪرڻ باوجود پنھجي سموري ملڪيت ۽ خاندان ھند ۾ ڇڏي صرف پنھنجي گھرواري نعمت بيگم ۽ ننڍڙي ڌيء سعديـ راشد سان گڏ ھڪ رلي ۽ وھاڻو کڻي ڪراچي پھتا جتي ھڪ ننڍڙو ڪمرو ڪرائي تي وٺي ھمدرد دواخانو ۽ ھمدرد فائونڊيشن قائم ڪري ماڻھن جو مفت اعلاج ڪرڻ لڳا. دھلي ۾ ڪار ۾ سواري ڪندڙ حڪيم محمد سعيد ڪراچي جي روڊن رستن تي پنڌ ھلڻ لڳا ۽ طب ۽ حڪمت سان گڏ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي پڻ جدوجھد جاري رکيائون ۽ اھڙي طرح 1952ع ۾ ترڪي جي انقره يونيورسٽي مان فارميسي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون جنھن بعد 1953ع کان 1963ع تائين سنڌ يونيورسٽي ۾ آرگينڪ ڪيمسٽري جا ايسوسئيٽ پروفيسر پڻ رھيا. پرو وائيس چانسلر وڌيڪ ٻڌايو ته 1958ع ۾ حڪيم محمد صعيد ڪراچي ۾ ھمدرد طبي ڪاليج جو بنياد وڌو جنھنجو افتتاح محترمـ فاطمـ جناح ڪيو. ان سان گڏ مشرقي علم ادب ۽ فلسفي سان منسلڪ 200 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون ۽ پاڪستان ايسوسئيشن آف ايسٽرن ميڊيسن پڻ قائم ڪيائون. سندن مسلسل جدوجھد سان صحت جي عالمي اداري طرفان ايسٽرن ميڊيسين کي الٽرنيٽو اعلاج طور مڃتا ڏني وئي. سندن انيڪ خدمتن جي مڃتا طور 1966ع ۾ حڪومت پاڪستان کين ستاره امتياز جي ايوارڊ سان نوازيو. پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه وڌيڪ چيو ته حڪيم محمد سعيد مشرقي طب ۽ فلسفي متعلق اعلي تعليم ۽ تحقيق جو بنياد وجھندي 1985ع ڪراچي ۾ ھمدرد يونيورسٽي قائم ڪيائون جتي بيت الحڪمت جھڙي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي لائبرري ۽ مدينت الحڪمت جھڙو عالمي معيار جو تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ سان گڏ جديد ميڊيڪل، انجنئرنگ ۽ ٻين مضمونن جي تعليم ۽ تحقيق پڻ شروع ٿي ۽ اڄ ڪراچي کان اسلام آباد ڪيمپس تائين ھمدرد يونيورسٽي پاڪستان جي بھترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿئي ٿي جنھنجي ھن وقت چانسلر سندس ڌيء سعديـ راشد آھي. هن چيو ته محترمـ بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران 1992 -1993 دوران کيس سنڌ جو گورنر پڻ مقرر ڪيو ويو. بطور گورنر ھن عظيم شخص نـ تـ سرڪاري گاڏي ۽ نـ ئي وري سرڪاري رھائش ۽ ٻيون سھولتون استعمال ڪيون. گورنر ھوندي معمول مطابق مريضن جو اعلاج پڻ ڪندا رھيا ۽ سندن اصول ھوندو ھيو تـ جنھن ڏينھن پاڻ مريضن جي اعلاج لاء ويھندا ھئا تـ ان ڏينھن روزو رکندا ھئا ڇاڪاڻ تـ سندن عقيدو ھيو تـ مريض جي شفا صرف دوا سان نـ ور دوا ڏيندڙ ھٿ جي پرھيزگاري ۽ دعا جو پڻ مريض جي صحت تي اثر ٿئي ٿو. اھڙي پرھيزگار ۽ انسانيت جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص جي تحقيقي ڪوشش ھئي تـ ھو ڪا اھڙي ڪولڊ ڊرنڪ متعارف ڪرائي جيڪا پيپسي يا ٻين ڪولڊ ڊرنڪ جيان مذيدار ھئڻ سان گڏ صحت لاءِ ھاڃيڪار نـ ھجي. هن چيو ته حڪيم محمد سعيد جو ھميشـ مطالبو رھيو تـ جيئن تـ پاڪستان ھجري ڪيلينڊر مطابق 27 رمضان تي آزادي ماڻي تنھڪري ان ڏينھن کي پان آزادي جي ڏينھن طور ملھايو وڃي ۽ ان مطالبي تي پنھنجي وس آھر عمل ڪندي ھمدرد فائونڊيشن جا سمورا ادارا 27 رمضان تي عام موڪل ڪن ٿا. پروفيسر ڊاڪٽر اظهر شاهه پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته مشھور صحافي محترم جاويد چوڌري کي انٽرويو ڏيندي پاڪستان لاء پنھجو خاندان، ملڪيت ۽ ذاتي سھولتون ۽ آسائشون قربان ڪندڙ حڪيم محمد سعيد جي آخري خواھش اھا ھئي تـ ڪاش منھنجي وفات پنھنجي وڏي ڀاء کان پھرين ٿئي ۽ منھنجي موت جو ٻڌي ھو ڪراچي اچي ۽ منھجي منھن تان ڪفن ھٽائي چوي تـ حڪيم سعيد تنھنجو فيصلو صحيح ھئو! پر شايد قدرت کي اھو منظور نـ ھئو تنھڪري سندس خواھش جي برعڪس 17 آڪٽوبر 1998ع تي دھشتگردن ھٿان ڪراچي جي آرام باغ ڀرسان ھمدرد دواخانـ ٻاھران روزي جي حالت ۾ سندس شھادت جو ٻڌي يا پڙھي انڊيا ۾ ويٺل سندس بزرگ وڏي ڀاء ڇا سوچيو ھوندو؟ اھو سوال ڇڏي جسماني طرح حڪيم سعيد تـ اسان کان وڇڙي ويو پر روحاني طرح ھو اسان سان زندھ آھي ۽ ھميشـ زندھ رھندو. ان کان اڳ تقريب کي پاڪستان ايسوسيئيشن فار ايسٽرن ميڊيسن پاڪستان جي مرڪزي نائب صدر حڪيم غلام صديق ٻرڙو نقشبندي پڻ خطاب ڪيو.
