لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت آئين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري من پسند فيصلا ڪري رهي آهي.لاهور جي منصوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت آئيني ترميم ذريعي پنهنجي مرضي جي عدليه چاهي ٿي.هن چيو ته حڪومت آئيني ترميم ذريعي پنهنجي پسند جو چيف جسٽس چاهي ٿي، نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن هينئر تائين جاري ٿيڻ گهرجي ها.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ٿيڻ گهرجي ها ته نئون چيف جسٽس اچي ها ته ترميم جي معاملي تي ڳالهايو وڃي ها.امير جماعت اسلامي چيو ته حڪومتي دٻاءُ ۽ ميمبرن جي خريد و فروخت جو رواج بڻجي چڪو آهي، هي حڪومت ڪوڙ جي بنياد تي قائم ڪئي وئي آهي، عوام جو قومي ادارن تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشن جو سلسلو جاري آهي، نوجوان نسل منشيات جو عادي ٿي رهيو آهي، ڪير به پڇڻ وارو ناهي، حڪومت ۽ قومي ادارن کي تعليمي ادارن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا.










