حڪومت تحريڪ انصاف جي مطالبن جو لکت ۾ جواب ڏيندي

حڪومت تحريڪ انصاف جي مطالبن جو لکت ۾ جواب ڏيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته حڪومت تحريڪ انصاف جي ڪميٽي جي لکت ۾ مطالبن جو به لکت ۾ جواب ڏيندي.پي ٽي آءِ جي مذاکراتي ڪميٽي جي اجلاس لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف اڄ پنهنجا لکيل مطالبا پيش ڪندي.عرفان صديقي چيو ته سمورا اتحادي پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي لکت ۾ مطالبا پيش ڪندا، حڪومت به تحريڪ انصاف کي لکت ۾ جواب ڏيندي.هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جواب مان مطمئن ٿي ته ڳالهيون اڳتي وڌنديون، 31 جنوري جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، حڪومتي ڪميٽي 31 جنوري کان اڳ تحريڪ انصاف کي جواب ڏيندي.واضح رهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو