ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ مهانگائي جي خاتمي ۽ معيشت جي بحالي لاءِ بجلي ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته قومي معيشت کي سنڀالڻ جي دعويدار حڪمرانن پنهنجي ناڪام معاشي پاليسين، مهانگائي، بدامني ۽ ڪرپشن سان معيشت تباه ۽ عوام جو زنده رهڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، سياري جي موسم شروع ٿي چڪي، پر ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس نه هئڻ برابر آهي ان باوجود آءِ ايم ايف جي اشارن تي بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ ٻيهر اضافي جون ڳالهيون ظلم، ناانصافي ۽ مهانگائي جي ماريل عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي، عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ گذريل چئن مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ ڪمي اچڻ باوجود ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ خاطر خواه گهٽتائي نه پئي ٿئي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا پنهنجي هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ بدترين اقتصادي، مالي ۽ سياسي بحرانن جو شڪار آهي، ادارن جي نااهلي ۽ مفادپرستي وارين پاليسين جي ڪري هر ايندڙ ڏينهن وڌيڪ خرابي پيدا ٿي رهي آهي، غيرب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ هلندڙ سال 167 ۽ لاهور ۾ 100 ماڻهن پاران آپگهات وارن واقعن “ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي” جو راڳ الاپيندڙ حڪمرانن جي منهن تي ڪارو داغ آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ٽيڪس ۽ بجلي توڙي گيس جي اگهن ۾ اضافو ته ڪري رهي آهي، پر پيداوار ۾ خاطر خواه اضافو ۽ عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ايستائين جو روزاني واهپي وارين شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مڪمل طور تي ناڪام آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام جي ڪري هر ايندڙ ڏينهن عوام جي مشڪلات ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.#
