حيدرآباد ۾ گڏيل ڪارروائي، هڪ دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد ۾ گڏيل ڪارروائي، هڪ دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (ن س) سي ٽي ڊي سنڌ وفاقي سول ڳجهي اداري سان گڏ ڪاروائي ۾ ھڪ دھشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي سول ڳجهي اداري گڏيل آپريشن ڪندي ملڪ جي تاريخ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي، سي ٽي سنڌ ۽ وفاقي سول ڳجهي اداري جي ڪارروائي دوران جوابدار طاھر کي 2 ڪلو بارودي مواد، ھڪ عدد ڊرون بيٽري ۽ رموٽ ڪنٽرول سميت گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ترجمان موجب جوابدار جو ڀاء طلال عرف زيد بلوچ جيڪو پاڻ ٽي ٽي پي جو ھڪ اھم ميمبر آھي جنھن جو نالو سي ٽي ڊي سنڌ جي ريڊبڪ ۾ شامل آھي، طلال افغانستان ۾ رھائش پذير آھي، جنھن جوابدار طاھر کي ٽي ٽي پي لاء اليڪٽرانڪ سامان، جديد ڊرون، موبائيل فون، بيٽريون، چپس، انويٽر ۽ ٻيو سامان فراھم ڪرڻ لاء ذميواريون ڏنيون ويون ھيون، جوابدار سندس ڀاء طلال جي ھدايت تي ڊرون موٽرز، فريم، پروپيلر، بيٽريون، ۽ ايل اي ڊي ٺاھڻ لاء مانگر ڪنٽرول بورڊز، نٽ بولٽ، ڪلپ وائر، ھيٽ ٽرنڪ وائر ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ سامان خريد ڪندو ھو ، ھي سامان ڪراچي جي مختلف مارڪيٽن صدر، بولٽن مارڪيٽ، رنڇوڙ لائين ۽ آن لائين پليٽ فارم دراز کان وٺندو ھو.جوابدار جي اعتراف ۽ شاھدين مان ثابت ٿيو آھي ته سامان آئي ڊي بم ڌماڪن، خود ڪش حملن ۾ استعمال ٿيندڙ جيڪٽس بم ۽ خاص طور تي ڊرون حملن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، ھي سڄو سامان استعمال ٿيڻ واري جديد ٽيڪنالوجي فراھم ڪرڻ لاء گھرايو ويندو آھي، جوابدار خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي ، سي ٽي ڊي سنڌ وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو