حيدرآباد ۾ ماحولياتي نموني ۾ پوليو وائرس جي تصديق

حيدرآباد (ن س)حيدرآباد ۾ اڍائي سالن کانپوءِ ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ پوليو خلاف مهم ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.ضلعي هيلٿ آفيسر موجب قاسم آباد پمپنگ اسٽيشن تان ورتل نموني ۾ وائرس جي تصديق ٿي هئي، 8 نومبر تي پوليو وائرس جي تصديق لاءِ سيمپل ورتو ويو هو.ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2021 ۾ سيوريج جي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو