حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)چيف سيڪريٽري سنڌ حيدرآباد ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنر جي سربراهي ۾ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، حيسڪو ۽ سيپڪو جا نمائندا شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي سڀ کان وڌيڪ لائين لاسز وارن فيڊرز جي ڊيٽا فراهم ڪندي.










