حيدرآباد جي شهري جو قتل، جوابدار ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي دوران قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.جوابدارن 15 سيپٽمبر تي حيدرآباد جي رهواسي نويد بيگ کي قتل ڪري لاش گھگھر ڦاٽڪ وٽ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا.پوليس اختيارين موجب جوابدار رحيم شاهه غيرت جي نالي تي نويد بيگ کي قتل ڪيو، ان واقعي ۾ هڪ ٻيو جوابدار شهباز خان به ساڻس گڏ هو، جوابدار 15 سيپٽمبر تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ڪار بک ڪئي هئي.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان مارجي ويل جي گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي.جوابدار رحيم جي ساٿي شهباز جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو