4 ڪيسن ۾ نامزد،پريس ڪانفرنس ڪندس ته سڀ ڪيس ختم،شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ حليم عادل شيخ جون مشڪلاتون وڌي ويون، پوليس وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ حليم عادل شيخ کي نامزد ڪيو آهي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کان حليم عادل شيخ کان سينٽرل جيل ۾ پڇا ڳاڇا جي اجازت گهري،ته عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ڪٿي هئا؟ پنجن مهينن کان پوءِ توهان کي اهو خيال ڪيئن آيو؟،حليم عادل شيخ عدالت ۾ چيو ته هڪڙي ڏينهن ۾ ڪيترن ٿاڻن تي پهچي ٿو سگهان، جيڪي اڳواڻ هن ڪيس ۾ نامزد هئا اهري پريس ڪانفرنس ڪري گهر رونا ٿي ويا،حليم عادل چيو ته مان پريس ڪانفرنس ڪريان ته سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا،پوليس پاڻ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، هاڻي منهنجو نالو اڻڄاتل ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو ،هنن الزامن جي باري ۾ مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي آهي،مان 25 مئي 2022 تي اسلام آباد ۾ هيس ڪراچي ۾ واردات ڪئين ڪيم ڪيئن ٿيو؟،عدالت کي گذارش آهي ته منهنجو بيان به حڪم نامي ۾ شامل ڪيو وڃي،بيان پوليس مون سان منسوب ڪري سگهي ٿي پر ان سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي،حليم عادل شيخ ٽائون جي حد ۾ پوليس موبائل کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ جيل ۾ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو