حامد خان پاران 19 سيپٽمبر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

حامد خان پاران 19 سيپٽمبر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر حامد خان 19 سيپٽمبر کان وڪيلن جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حامد خان چيو ته آئيني پيڪيج آڻڻ جو ماحول آهي، آئيني ترميم جي معاملي تي آئين جو جنازو ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته وڪيلن هن ترميمي بل کي پيش ٿيڻ کان اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح هو مشرف خلاف به تحريڪ هلائيندا، سپريم ڪورٽ کانسواءِ ٻي ڪا به آئيني عدالت نٿي ٺاهي سگهي.هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي وفاقي آئيني عدالت ٺاهڻي آهي ته پهريان وڪيلن جي لاشن تي وڃڻو پوندو، 19 سيپٽمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ کان تحريڪ شروع ڪنداسين، سپريم ڪورٽ آئيني عدالت آهي، متوازي عدالت ناهي. حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ وڪيلن جي اجازت نه ڏني ويندي.حامد خان چيو ته هو چيف جسٽس جي بدلي جي طريقيڪار ۾ تبديلي تي راضي نه آهن، جسٽس منصور علي شاهه جو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقت ڪاري ڪوٽ وارن جي آهي، سڄي پاڪستان جي وڪيلن کي گذارش آهي ته هليو وڃن، هو آئيني پيڪيج کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو