ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر ريٽائرڊ حارث نواز پاران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ڪارساز جو دورو ڪندي واٽر ڪارپوريشن جي جديد هائيڊرنٽس مينيجمينٽ سينٽر ڪنٽرول روم جو معائنو ڪيو، دوري جي دوران سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران سنڌ جي نگران گهرو وزير کي جديد هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر جي فائدن ۽ ان جي نگراني جي طريقيڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سنڌ جي نگران گهرو وزير پاران سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر جي قيام کي ساراهيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ واٽر ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي سميت اداري ۾ آيل ٻين سڌارن تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو، ان کان اڳ سنڌ جي نگران گهرو وزير ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن سان ملاقات ڪندي شهر ۾ پاڻي چورن خلاف ڪارروائين بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ سنڌ جي نگران گهرو وزير کي پاڪستان رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن پاران جون کان آڪٽوبر 2023 تائين غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف گڏيل ڪاروائين بابت بريفنگ ڏني، ملاقات دوران سنڌ جي نگران گهرو وزير پاڪستان رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن پاران غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي پاڪستان رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن کي پاڻي چوري ۽ غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪاروائين ۾ مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو، ان موقعي تي نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر ريٽائرڊ حارث نواز جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ لاء نگران سنڌ حڪومت واٽر ڪارپوريشن سان مڪمل تعاون ڪندي، هن چيو تہ ڪي فور سميت 65 ايم جي ڊي منصوبن تي قومي ۽ صوبائي نگران حڪومت سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي، هن واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ شهر مان سمورن بوسٽرن جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي تہ جيئن شهرين کي پاڻي جي فراهمي بهتر بڻائي سگهجي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين جي حصي جو پاڻي ڪنھن کي بہ چوري ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، ان موقعي تي هن واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي يقين ڏياريندي چيو تہ سنڌ جي گهرو وزارت جي ماتحت سمورن ادارن تي واٽر ڪارپوريشن جون بقايائون جلد ادا ڪيون وينديون.
