جھرڪ ويجھو 2 ڪارن ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ٺٽو (ن س) جھرڪ ويجھو 2 ڪارن ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي، تفصيل موجب ٺٽو/حيدرآباد قومي شاھراھ تي جھرڪ ويجھو درگاه لاکو پير وٽ ڪرولا ڪار ۽ مهراڻ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڇتوچنڊ جي ڳوٺ محمد خان سومرو جا رهواسي ڪار سوار 2 ڄڻا محسن سومرو ۽ احمد خان سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عدنان، شعيب، ابرار ۽ صاد شامل آھن، جن کي رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ تي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمين کي ڪراچي ۽ حيدراباد موڪليو ويو، ٻن فوتين محسن سومرو ۽ احمد خان سومرو جا لاش سندن گھر پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو