جڙانواله واقعي جي مذمت، اشتعال انگيز خبر پريشان ڪندڙ آهي:آصف/بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري فيصل آباد جي تعلقي جڙانواله ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مذهبي ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ جڙانواله ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن.پاڪستان پيپلز پارٽي مذهبي هم آهنگي ۽ سمورن عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي تحفظ جي علمبردار آهي، جڙانواله مان مليل اشتعال انگيز خبر پريشان ڪندڙ آهي، جڙانواله ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ انتظاميه موثر ڪردار ادا ڪري ..اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به جڙانواله واقعي جي مذمت ڪئي آهي، چيو ته جڙانوالا واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان جي مذهب ۾ عبادتگاهن جو احترام سيکاريو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو