ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته جڙانوالا ۾ پوليس جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو ادا نه ڪيو، ان ڪيس جي جاچ ۾ پوليس جي نااهلي کي به ڏسڻ گهرجي.ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ سعيد غني ۽ سينيٽر وقار مهدي سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ملڪ اقليتن جو آهي جيترو اسان جو آهي.سعيد غني چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، ان واقعي اسان جو ڪنڌ شرم کان جھڪايو آهي.هن چيو ته اسان جو مذهب اهڙن واقعن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿو ڏئي، اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا هئاسين ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ ڪجهه عنصرن اسان جو ڪيس به ڪمزور ڪيو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته چرچ تي حملو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پنجاب حڪومت واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي به گرفتار ڪري.
