ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نالي واري عالم دين مفتي تقي عثماني جڙانوالا واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسلام ۾ اهڙين حرڪتن جي ڪائي گنجائش نه آهي ٽيوٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتي تقي عثماني لکيو ته جڙانوالا جو واقعو پوري قوم لاءِ شرم جوڳو آهي جيڪڏهن ڪنهن ڪائي گستاخي ڪئي آهي ته ان جو قانوني رستو موجود آهي مفتي تقي عثماني لکيو ته ان جي ردعمل ۾ گرجا گهرن کي ساڙڻ يا پرامن عيسائي شهرين کي ڪنهن به قسم جو نقصان رسائڻ مذمت جوڳو عمل آهي. اسلام ۾ اهڙين حرڪتن جي ڪائي گنجائش نه آهي.
