جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ تيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر صفدر عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي سان گڏ ٺاهيندي.هن چيو ته دنيا چنڊ تي پهچي رهي آهي پر اسان جون هيڊلائينز اڃا تبديل ناهن ٿيون، ڪراچي ملڪ کي 8 هزار ارب رپيا ڪمائي ڏئي سگهي ٿو پر ڳئون کي گاهه ته ڏنو وڃي.هن الزام هنيو ته اليڪشن ڪميشن ميمبر اعجاز چوهاڻ جانبدار آهي، صوبي ۾ ڪرپٽ سسٽم هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو