جي يو آءِ سربراهه جي پٽ جو وليمو،زرداري ،ڪاڪڙ سميت ٻين جي شرڪت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسجد محمود جي دعوت وليمه تقريب ٿي،تقريب ۾ نگران وزيراعظم پاڪستان انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي،اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شير پائو، لياقت بلوچ، قاري حنيف جالنڌري،مولانا عبدالغفور حيدري، اڳوڻو وڏو وزير اڪرم خان دراني، اڳوڻو گهرو وزير سرفراز بگٽي، علامه راشد سومرو، فضل الرحمان خليل، سليم مانڊوي والا، سينيٽر عبدالقادر سميت ٻين شرڪت ڪئي،تقريب ۾ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري خرم آغا سميت بيورو ڪريسي جي اعليٰ عملدارن ۽ جي يو آءِ جي پارلياماني اڳواڻن، عهديدارن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو