حيدرآباد (ن س) سنڌياڻي تحريڪ طرفان قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي گهر واري ۽ سنڌ جي سورمي جيجي زرينه بلوچ جي 18 هين ورسي جو پروگرام ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآٻاد جي ڪنوينشن ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. پروگرام کان اڳ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جيجي زرينه بلوچ جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪيا. پروگرام ۾ انقلابي گيتن ۽ نغمن سان جيجي زرينه جي جدوجھد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي پروگرام ۽ ضلعي ڪنوينشن کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمرہ سمون، حسنا راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر شاهين خاصخيلي، ساجده پرهياڙ، پرڀات ھاليپوٽو، صفيه راڄپر، حاجي خان سمون، عاطف ملاح سرمد راڄپر، اشوڪ ڪمار، سمي ابڙو خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته جيجي زرينه بلوچ سنڌ جي حقن ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هن ڪالاباغ ڊيم ۽ ضيائي آمريت خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري پاڻ ملهايو. مشرف جي ايمرجنسي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ عدليه جي آزاديءَ تي راتاهن خلاف قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ هلايل سمورين تحريڪن ۾ جيجي زرينه بلوچ حصو ورتو. محترم رسول بخش پليجي صاحب علم ادب ۽ فن سياست ۾ متعارف ڪرايو. جيجي زرينه بلوچ پنهنجي فن وسيلي قومي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڳواڻن چيو ته هن وقت به سنڌ اندر عورتن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انساني حقن جا ادارا سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري، سڱ چٽي ۽ ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترن ئي انسان دشمن ۽ عورت دشمن رسمن عورتن لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي. حقيقي انقلابي جدوجھد وسيلي ئي سنڌ اندر عورتن جا حق حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنڌياڻي تحريڪ سنڌ سان ٿيندڙ هر ظلم خلاف ماضيءَ جيان عملي جدوجھد ڪندي.
جي جي زرينه جي مزار تي گلن رکيا پيا وڃن