جيڪب آباد (ن س )جيڪب آباد ۾ پرڏيهين کي ترسائڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آئي اي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا، ڊي سي جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي هولڊنگ ڪيمپ جو دورو ڪيو، هولڊنگ ڪيمپ جو دورو ڪري سيڪيورٽي ۽ پرڏيهين کي ترسائڻ جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو، هولڊنگ ڪيمپ تي سيڪيورٽي لاءِ 200پوليس اهلڪار، 50 اسپيشل برانچ جا اهلڪار ۽ 30 رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، هولڊنگ ڪيمپ تي پرڏيهين جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جي موبائيل گاڏي ۽ عملو به موجود آهي
